110

ڪي پي ڪي ۾ نالائقين سبب هارايوسين، اڳتي پاڻ اميدوار چونڊيندس، سفارش برداشت نه ڪبي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان ڪي پي ڪي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ناڪامي بابت رپورٽ پيش ڪئي، وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته بدانتظامي سبب هارائي وياسين، پنهنجي پارٽي جا ميمبر هڪٻئي جي خلاف چونڊ وڙهيا، روايتي سياست ۽ موروثي مسئلن جي ڪري پڻ شڪست ملي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ نالائقين سبب هارايوسين، اڳتي پاڻ اميدوار چونڊس، سفارش يا رشوت برداشت نه ڪبي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي اسان جو بيس لائين آهي، اتي اندريون نالائقيون سامهون آيون، جنهن ڪري شڪست ملي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ مان پاڻ اميدوار چونڊس، پهرين نتيجن مان سبق سکڻو پوندو، اندرين اختلافن جو فائدو مخالفن کي ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو