109

ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 18 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ خانگي ڪمپني اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ وڏي اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 18 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي، نيپرا موجب اها درخواست هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ نومبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ به 31 رپيا 70 پيسا واڌ جو مطالبو ڪيو، نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 3 جنوري تي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو