108

سريلنڪن فيڪٽري مئنيجرپريانٿا قتل ڪيس ۾ گرفتار 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پريانٿا قتل ڪيس ۾ گرفتار 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آھي،  سيالڪوٽ ۾ فسادين هٿان سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، پنجاب پوليس جي ترجمان موجب حراست ۾ ورتل 149 جوابدارن مان 64 کي سي سي ٽي وي وڊيوز جو جائزو وٺڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي، پنجاب پوليس جي ترجمان موجب هن وقت 85 جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، سمورن 85 جوابدارن جي فرانزڪ ٽيسٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، جوابدار جسماني رمانڊ تي آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته 18 جوابدارن کي ٻيهر 28 ڊسمبر تي گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته 67 جوابدارن کي 3 جنوري تي جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو