97

ڪراچي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ،پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله جو ويجهو ساٿي حيدر سواتي مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو حيدر سواتي مارجي ويو، اڻڄاتل هٿياربند هڪ ڪار تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله چيو آهي ته مقتول حيدر سواتي سندس ويجهو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو ورڪر هو، لينڊ مافيا زمين تي قبضي واري معاملي تان کيس قتل ڪيو آهي، ھن چيو تھ لينڊ مافيا قبرستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، روڪڻ تان مونکي ۽ ساٿين کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون هيون، پ پ ايم اين اي طرفان وڏي وزير کان معاملي جي جاچ ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو