89

موبائيل فونز، گهڙيون، گاڏيون، ڪپڙا ۽ جوتا مهانگا ٿي ويندا:مني بجيٽ اڄ پيش ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام تي ٻيهر مهانگائي جي وِڄ ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن، موبائيل فونز، گهڙيون، امپورٽ ٿيندڙ گاڏيون، ڪپڙا ۽ جوتا مهانگا ٿي ويندا، هاڻي 350 ارب رُپين جي ٽئڪس ڇوٽ به واپس ورتي ويندي، وفاقي ڪابينا اڄ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مني بجيٽ جي منظوري ڏيندي، حڪومت طرفان مني بجيٽ اڄ ئي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، وزيراعظم عمران خان مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو