88

مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين کي ڪامياب آپريشن کانپوءِ آءِ سي يو ۾ منتقل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين کي ڪامياب آپريشن کانپوءِ آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ميو اسپتال جي ڊاڪٽر فياض موجب بلال ياسين جي صحت ٺيڪ آهي، گولي لڳڻ سبب هن جي ڪلهي هيٺان هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهن جي جديدي طريقي سان سرجري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخم کي مڪمل ڀرجڻ ۾ 6 کان 9 مهينا لڳي سگهن ٿا، ٻئي طرف پوليس بلال ياسين جو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ميو اسپتال پهچي وئي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ بلال ياسين جو بيان انتهائي اهم آهي، پوليس موجب بلال ياسين تي حملي بابت سي سي ٽي وي وڊيو کان مدد ورتي پئي وڃي، ياد رهي ته گذريل رات بلال ياسين تي موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن مٿان مبيان فائرنگ ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو