170

سنڌ آبادگار بورڊ پاران پنجاب جي جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالز وارين رٿائن تي ڳڻتي ظاهر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي تڪراري رٿائن جي فنڊنگ تي نظرثاني جي اپيل

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ آبادگار بورڊ پنجاب جي جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالز وارين رٿائن تي ڳڻتي ظاهر  ڪندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي  انهن تڪراري رٿائن جي فنڊنگ تي نظرثاني جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ ڀاڻ جي وڏي پيماني تي بليڪ مارڪيٽن تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪري انه کي خوراڪ جي تحفلاءِ چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه، اسلم مري، عمران بوزدار، يار محمد لغاري، مهتاب لنڊ، ملڪ محمد نظاماڻي، مصطفيٰ نواز شاهه، حسين شاهه، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب جي جلال پور  ۽ چوبارا ڪئنال، سنڌ ۾ پاڻي جي بندي دوران آبپاشي نظام جي ڪمن، ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻين معاملن تي تفصيل سان غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ پنجاب جي جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالز وارين رٿائن تي ڳڻتي ظاهر  ڪندي چيو ويو ته اپ اسٽريم ۾ پاڻي گهرج کان وڌيڪ کڻڻ سبب اڳ ئي پورو ڊيلٽا سخت متاثر ٿيو آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي وقت جي خوشحال ڪيٽي بندر جي علائقي جا رهواسي گهڻي ڀاڱي اتان لڏي وڃي چڪا آهن ۽ ٻيا اتي انتهائي خراب حالتن ۾ گذاري رهيا آهن. جڏهن ته ورلڊ بئنڪ ان پوري ڊيلٽا جي علائقي ۾ ساليانو  2 بلين آمريڪي ڊالرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته 2016 کان پنجاب ۾ 4،40،000 هيڪٽرن تي سارين جي وڌيڪ پوک ٿيڻ اتي پاڻي جو وڏي پيماني تي استعمال  ثابت ٿئي ٿو، سنڌ ۾ سارين جي پوک رڳو ڪن مخصوص علائقن تائين محدود آهي پر پنجاب ۾ ايئن به نه آهي. سارين لاءِ پاڻي پڻ گهڻو کپندو آهي جيڪو وونئڻن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻو استعمال ٿئي ٿو.  ان کان علاوه موسمي حالتن جي ڪري سنڌ ۾ سموريون پوکون پڻ پنجاب کان پهرين تيار ٿي وڃن ٿيون پر رڳو سارين جو لابارو ئي هڪ وقت تي گڏ ٿئي ٿو، جنهن سان پڻ پنجاب ۾ پاڻي جي وڌيڪ استعمال جو اندازو ٿئي ٿو، ان کان علاوه خريف جي شروعات مارچ واري مهيني ۾ منگلا  ڊيم کي ڀرڻ کي ترجيح ڏيڻ سان سنڌ اڳ ئي پاڻي کان محروم رکيو ويندو آهي، ڇو ته سنڌو نديءَ جي ڀيٽ ۾ منگلا جي ڪيچمينٽ ۾ پاڻي پهرين اچي ويندو آهي، وفاقي حڪومت جي پاڻي جي معاملن واري ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي 2005 واري رپورٽ جي ٻي حصي  سميت مختلف هنڌن تي ان معاملي جي نشاندهي پڻ ٿيندي رهي آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب جي آبپاشي واري نظام جي گنجائش اڳ ئي پاڻي واري معاهدي ۾ ان جي مقرر ٿيل حصي کان وڌيڪ آهي ته اهڙي صورت ۾ اهو چوڻ ئي غلط ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي ته پنجاب رڳو پنهنجي  حصي جو ئي پاڻي کڻندو، اها هڪ اڻ ٿيڻي آهي ته ڪو پنجاب پنهنجي هڪ ڪمانڊ ايريا جو پاڻي گهٽائي ٻي ڪمانڊ ايريا کي ڏيندو. ان ڪري پنجاب کي ارسا طرفان جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالز جي ڏنل اين او سي منطق جي ابتڙ ئي آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته نظام ۾ پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري آبپاشي جي اڳ موجود نظام کي ئي پاڻي ملڻ ڏکيو آهي، ان ڪري انفراسٽرڪچر کي وڌائي نهري نظام هيٺ ايراضي وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري جو نمونو بدلائڻ جي گهرج آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته معاشيات جي سائنس ۾ وسيلا محدود آهن، ان ڪري پاڻي جي شعبي ۾ سيڙپ جي ڪارڪردگي ۽ بهتر صلاحيت لاءِ هاڻوڪي ۽ اڳوڻي نظام کي بهتر ڪرڻ جي گهرج آهي. پاڪستان ۾ سيڙپ ان نظام ۾ ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي. جڏهن ته اسين زراعت ۾ پاڻي جي موجوده طريقي جو استعمال جاري نه ٿا رکي سگهون. اسان وٽ پاڻي جي موجودگيءَ جي صلاحيت آسٽريليا جي مري ڊارلنگ جي ڀيٽ ۾ اڌ جيتري آهي، سنڌ آبادگار بورڊ  ايشيائي ترقياتي بئنڪ جهڙن شراڪتدار ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي اهڙين رٿائن جي فنڊنگ ڪرڻ کان اڳ انهن مٿين حقيقتن کي نظر ۾ ضرور رکن. اهو رڳو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جهڙا ادارا پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپ جون ترجيحون تبديل ڪري تحفظ، پيداواري صلاحيت، ٽيڪنالاجي ۽ سڀ کان وڌيڪ برابريءَ تي ڌيان ڏين، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جو آبپاشي کاتو پاڻيءَ جي بنديءَ دوران واهن ۽ شاخن جي مرمتي ڪمن بابت لاڳاپيل اسٽيڪ هورلڊرز کي اعتماد ۾ وٺي ڄاڻ ڏي ۽ انهن سان مشاورت ڪري ته جيئن پاڻي جي نظام کي حقيقي بنيادن تي بهتر ڪري سگهجي. ڇو ته هن مند ۾ پاڻي جي بندي جو مقصد ئي آبپاشي جي نظام جي سار سنڀال لهڻ ۽ ان جي مرمت ڪرڻ آهي. ان ڪري جنهن به واهه يا شاخ تي ڪم ڪيو وڃي ان بابت آبادگارن کي ڄاڻ به ڏني وڃي، سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ اندر ڀاڻ  اڻ لڀ ۽ مهانگو ٿيڻ جي صورتحال تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر  ڪندي ان کي خوراڪ جي تحفظ لاءِ هڪ چئلينج قرار ڏنو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀاڻ جي اها ئي صورتحال رهي ته اڳتي هلي خوراڪ لاءِ چئلينج وڌي سگهن ٿا. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي يوريا ڀاڻ وڌي مقدار ۾ موجود هئڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ٻي پاسي وري يوريا ڀاڻ اصل قيمت 1760 روپين بدران 2800 کان 3000 روپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. ڊي اي پي جو اگهه پڻ 5000 روپين مان وڌي 8300 روپين تائين ٿي ويو آهي جيڪو آبادگارن کي 9000 روپين ۾ ملي رهيو آهي. ربيع جي مند ۾ آبادگارن کي ڀرپور نموني سان ڦرو پيو وڃي ۽ مجموعي طور تي آبادگارن جي کيسن تي 6 کان 8 ارب روپين جو ڌاڙو هنيو پيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته اهو  هڪ اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ڪري حڪومت ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائڻ ۽ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ ترت  اثرائتي ڪارروائي ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو