اٽڪ (ويب ڊيسڪ) اٽڪ جي علائقي ڪمرا مان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻار کي بازياب ڪرايو ويو، اٽڪ جي علائقي ڪمرا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي کي بازياب ڪرايو آھي، پوليس موجب 2 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هدالي مان ٻارڙي کي اغوا ڪيو هو، جوابدارن ٻارڙي جي بازيابي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، ڊي آءِ جي خوشاب فيصل رانا جو چوڻ آهي ته اٽڪ مان ٻارن جي اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي هڪ عورت سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
101