ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ سرڪار جي 4 سالن جي ڪارڪردگي بابت اڇو چٺو پڌرو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي جي نالي تي تباهي آندي وئي آهي، عمران خان ۽ ان جي ٽولي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، ڪورونا فنڊ ۾ 40 ارب روپين جون گهوٻيون هنيون ويون، پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان سستو نه پر دنيا ۾ چوٿون ۽ ايشيا جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو ملڪ آهي، عمران خان ڪوڙ ڳالهايو. شازيه مري اهڙو اظهار سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي 4 سالن واري وفاقي حڪومت جي عرصي بابت “تبديلي نه تباهي” جي عنوان هيٺ وائيٽ پيپر جاري ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ترجمان سنڌ حڪومت مرتضي وهاب، معاون خصوصي وقار مهدي، جاويد ناياب لغاري، سينيٽر سسئي پليجو، ايم اين اي شاهده رحماني، ايم پي اي سعديه جاويد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. شازيه مري چيو ته حڪومت تبديلي جي نالي تي تباهي آڻي ڇڏي آهي، عمران خان ۽ ان جي ٽولي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، هن وقت عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، هن وقت پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ملڪ آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا باوجود مهانگائي گهٽ ٿي، پاڪستان ۾ مهانگائي 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، هر پاڪستاني اٽڪل ٻه لک روپين جو قرضي آهي، پاڪستان مهانگائي جي لحاظ سان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان رڳو ڪوڙ ڳالهايو، حڪومت سڀ الزام ڪورونا تي هڻي ڇڏيندي آهي، عمران خان ڀارت جا مثال ڏيندي ناهي ٿڪبو ۽ چوندو آهي ته پاڪستان خطي جو سستو ترين ملڪ آهي پر ڀارت ۾ 6.62 سيڪڙو مان مهانگائي گهٽجي 5.32 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. شازيه مري چيو ته پاڪستان ۾ 66 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار آهن پر عمران خان چئي ٿو ته گهٻرائڻو نه آهي، سڀ ٺيڪ آهي پر سڀ ٺيڪ نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ۽ بيروزگاري جي شرح 4 سيڪڙو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ عمران خان جي حڪومت آهي ۽ اتي بيروزگاري جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. پي ٽي آءِ سرڪار تبديلي نه پر ان نالي تي چاليهن مهينن ۾ تباهي مچائي آھي، حڪومت بجٽ وقت 250 صفحن تي اڪنامڪ سروي شايع ڪيو وري نئون سروي ٻيهر آگسٽ ۾ شايع ڪري عوام مٿان خرچ جو بار وڌايو ويو، روزگار جون ڳالهيون ڪيون ويون پر ماڻھن کان روزگار ڦريو ويو، اسٽيل مل سميت هزارين ماڻهو عدالتي حڪم تي بيروزگار ٿيا شڪر آھي عدالت فيصلو واپس ورتو، شازيه مري چيو ته ملڪ ۾ ھر قسم جي تباهي آھي، سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي، سستو ملڪ چوندڙ سڌو سنئون ڪوڙ ڳالهائي رهيا آھن، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ملڪ آھي، ڏکڻ ايشيا ۾ نيپال، بنگلاديش، ڀوٽان ۽ ڀارت به آھن پر هتي انفليشن به ڊبل بجٽ تي پهتل آھي، شازيه مري چيو ته عمران خان سئو ڏينهن جو روڊ ميپ ڏنو، ان تي به عمل نه ٿيو، ڪرپشن ته ختم نه ٿي پر سندن اڳيان پويان پينڊورا پينڊورا ٿي چڪو آھي، اسپتال جي نالي پئسا وٺي پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ وڌا ويا، اسپتال کي پنهنجي پارٽي فنڊنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ڪابينا مختصر رکڻ جي دعوي ڪري 47 وزيرن تي مشتمل ڪابينا ٺاهي وئي، هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جي فارن پاليسي سبب پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويوآھي، زرعي پاليسي تباهه آھي، گروٿ ريٽ چار مان ڪري ٻه تي پهتل آھي، هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ جا مثال ٿا ڏنا وڃن ٿا پر ان ڪارڊ ۾ ڪووڊ ڪور نه ٿيندو، او پي ڊي ۽ شگر جو مرض هن ڪارڊ ۾ ڪور نه آهي، ان جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ 10 ڪارڊيو ۽ 21 چيسٽ پين سينٽر ڪم ڪري رهيا آھن، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت وارا ڪووڊ بجٽ به کائي ويا، 40 ارب روپين جون گهوٻيون هنيون ويون جنهن جو ذڪر آڊٽ جنرل پنهنجي پورٽ ۾ ڪيو ۽ هي وري ان رپورٽ کي مڃن ئي نه ٿا. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان جي حڪومت ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي تباهي ڪئي آهي، جڏهن عمران آيو ان وقت ڊالر 118 روپين جو هو، هاڻي ڊالر جو واپار 190 تي ٿي رهيو آهي، اٽو 39 روپيا ڪلو هو اڄ 61 ۽ کنڊ 55 مان وڌي 175 پهتي، پيٽرول 88 روپيا في ليٽر هو اڄ 144 تي پهتل آھي، دال هجي يا ٻيو اسم سڀ مهانگا ڪيا ويا آهن، شگر انڪوائري سفارش تي ڪوبه عمل نه ٿيو ۽ رپورٽ جو ڪجهه به ٿيو، فائدو عمران خان جي اي ٽي ايم کي ڏنو ويو، هنن حڪمرانن کي عوام جي ڪابه ڳڻتي نه آهي هتي بي حسي جو راڄ آھي الله کين هدايت ڏي.
151