97

ڪراچي جي لي مارڪيٽ مان رھائشي عمارت جي زمين ۾ پوريل وڏي تعداد ۾ ھٿيار ھٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لي مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت ۾ پُوريل هٿيار ڪڍڻ لاءِ کوٽائي جاري، 10 ائنٽي ايئر ڪرافٽس گنز سوڌو وڏي تعداد ۾ مارٽر گنز، اسٽين گنز، بروننگ ۽ رِوالورز هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي گدام اندر زمين ۾ هٿيار پوريا ويا هئا، پوليس ۽ نجي مزدورن ذريعي ڪالهه کان جاري کوٽائي ۾ وقفو ڪيو آهي، ساهي بعد ٻيهر کوٽائي شروع ڪئي ويندي، جاچ ڪئي ويندي ته موجوده مالڪ ڪنهن کان گدام ورتو هو، هٿيار هٿ اچڻ واري مامري جي مختلف رُخن ۾ جاچ  جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو