106

سنڌ ۾ پابنديون لاڳو، شادين ۾ کاڌو ڊٻن ۾ ڏيڻ جي هدايت، عوامي هنڌن تي ماسڪ لازمي قرار، اسڪول کليل رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد /ڪراچي(م ڊ/وحيد ميمڻ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا،، 4286 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ٻئي طرف اين سي او سي ملڪ ۾ ڪرونا جي تيزي سان وڌندڙ شرح کانپوءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل درآمد ڪرائڻ ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ملڪ وڌندڙ ڪرونا ڪيسن تي غور ۽ ايس او پيز جي صورتحال تي عمل درآمد جو جائزو ورتو ويو، اين سي او سي سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي، ڪرونا جي صورتحال تي 17جنوري سڀاڻي تي صحت ۽ تعليم وارين صوبائي وزارتن جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن، اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪرونا ايس او پيز جي تجويزن تي غور ٿيندو، جڏهن ته صحت وارين وزارتن جي اجلاس ۾ سماجي ۽ شادي تقريبن، انڊور، آئوٽ ڊور، ڊائننگ ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ايس او پيز تي غور ويچار ڪيو ويندو، اين سي او سي موجب سڀاڻي 17 جنوري کان اندرين ملڪن اڏامن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کاڌ جي فراهمي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سول ايوي ايشن اٿارٽي کي به ماسڪ نه پائيندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،هوڏانهن سنڌ  ڪورونا ٽاسڪ فورس پاران اسڪولن، عوامي هنڌن، شاپنگ مالن ۽  سرڪاري آفيسن ۾ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو.   اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن عوامي هنڌن، شاپنگ مالز، شادي هالن، سرڪاري آفيسن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ اسڪول کليل رهندا ۽ تعليمي سرگرميون جاري رهنديون پر سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن کي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شادي هالن ۾ آيل مهمانن کي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ لاڳاپيل شادي هالن جي انتظاميا جي ذميواري هوندي ته اهي مهمانن جا ماسڪ ۽ ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪن ان کانسواء شادي هالن ۾ مهمانن کي باڪس ۾ کاڌو پيش ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي صوبي ۾ حڪومت جي ويڪسينيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ پهرين فيبروري کان گهر گهر ويڪسينيشن مهم شروع ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ سان ئي ڪورونا جي پکيڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سرڪاري آفيسن ۾ سمورن سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ماسڪ ضرور پائڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن ڪوبه سرڪاري آفيسر يا اهلڪار ماسڪ نه پائيندو ته سندس ان ڏينهن جي پگھار ڪاٽي ويندي.  اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن اسپتالن، سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جو سروي ڪيو ويندو ۽ سروي ۾ اسپتالن جي گنجائش جو جائزو ورتو ويندو ته اسپتالن ۾ گنجائش ڪيتري آهي ۽ ڪيتري جاءِ گهربل آهي.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مارڪيٽن/شاپنگ مالز ۾ ايندڙن جا ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪيا وڃن ۽ ڪنهن کي به ماسڪ کان بغير اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. انتظاميا کي ويڪسينيشن ڪارڊ جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ريسٽورنٽ جي نگراني جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ۽ جيڪي ريسٽورنٽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ جيڪي احتياطي اُپاءُ ورتا ويا آهن انهن تي عمل نه ڪرڻ جو هيءَ نتيجو نڪتو آهي جيڪڏهن عوام سهڪار ڪري ته هن جاري ڪورونا لهر تي به ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اندر ٻيهر گهرايو ويندو جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو