99

بلدياتي قانون جو بهانو آهي، لانگ مارچ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالفت ڌر لساني سياست کي هوا ڏي پئي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت چيو آهي ته بلدياتي قانون جو بهانو آهي، لانگ مارچ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالفت ڌر لساني سياست کي هوا ڏي پئي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي خلاف بغض ۽ تعسب جو مظاهرو ڪن پيون، سياسي بونن جي قد ۾ واڌ نه ٿيندي، بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي خلاف بغض ۽ تعسب جو مظاهرو ڪن پيون، سياسي بونن جي قد ۾ واڌ نه ٿيندي، ڪراچي بلاول ڀٽو سان گڏ ٻيٺل آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جا سياسي يتيم فارغ ٿي ويندا، مردم شماري بابت وڏي وزير سي سي آءِ ۾ ڀرپور ڪيس وڙهيو، عوام چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته ڪراچي ۾ ماضي ۾ ڪنهن کين سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو، عوام پي ٽي آءِ حڪومت جي مهانگائي کان پريشان آهي، انهن کي روڊن تي نه آڻيو، هن چيو ته جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم۽ جي ڊي اي پي ٽي آءِ حڪومت جي بي ٽيم بڻجي ڪم ڪن پيو، سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوامي مسئلن کان هٽي ڪري مڪاني قانون واري بل خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، اهي مني بجيٽ ۽ مهانگائي تي احتجاج ڇو نٿا ڪن؟، مني بجيٽ ذريعي مهانگائي جو طوفان آندو پيو وڃي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شهر کي لساني جهيڙن طرف ڌڪيو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جيڪي هن وقت وفاقي حڪومت جو حصو آهن، اهي پنهنجي نالائق حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کي لڪائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بلدياتي نظام خلاف بغير ڪنهن سبب جي احتجاج ڪري رهيون آهن، ڪالهه پنهنجي ڪيمپس آفيس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سينيٽر طاهر مشهدي، مرزار مقبول علي، راشد، پيپلز يوٿ جي راشد خان، سردار نزاڪت ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  سعيد غني چيو ته اڄ پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم بلدياتي نظام خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. اسان جماعت اسلامي کي ان لاءِ مارجن ڏئي سگهون ٿا ته هو ڪٿي به اقتدار ۾ نه آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ٽنهي صوبن ۽ وفاقي حڪومت ۾ آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي وفاقي حڪومت جو حصو آهن. هن چيو ته هي جماعتون بلدياتي نظام جي آڙ ۾ تماشو لڳائي رهيون آهن پر عوام جي حقيقي اشوز تي خاموش آهن. سعيد غني چيو ته نيپرا عوام کان اربين روپيا لٽڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي 4.30 بجلي مهانگي ڪئي آهي. ان کان اڳ ڊسمبر جي بلن ۾ 4.74 روپين جو اضافو ڪري عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙوهنيو آهي. هن چيو ته ايل اين جي خريداري ۾ ڪرپشن جي ڪري پنهنجن ڪيترن وزيرن فارغ ڪيو آهي. ايل اين جي جي جڳهه مهانگو فرنيس آئل استعمال ڪيو پيو وڃي ان جي سزا عوام کي ڏئي رهيا آهن. هاڻي هتي هارين کي ڀاڻ نه ٿو ملي جنهن سان ڪڻڪ جي فصل متاثر ٿيندي مطلب بحران پيدا ٿيندو. کنڊ جون قيمتون روز وڌي رهيون آهن دوائن جي قيمتون بالخصوص شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريضن جن کي روزانو دوائون استعمال ڪرڻ لازمي آهي، انهن کي ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي ته انهن کي خريد ڪرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي ۽ هي جيڪي پنهنجو پاڻ کي عوام جا حقيقي نمائندا ۽ جماعت هئڻ جو تاثر ڏيندا رهيا آهن اهي عوامي اشو تي خاموش آهن ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ سنڌ صوبي ۾ بلدياتي نظام کي بنياد بڻائي احتجاج ڪيو پيو وڃي. سعيد غني چيو ته هنن جماعتن ڪڏهن به گئس جي کوٽ تي نه ڳالهايو آهي. سلام آهي پرويز خٽڪ کي جنهن گئس جي کوٽ تي ڳالهايو پر ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي وزيرن کي وفاقي حڪومت ۾ موجود هوندي به خاموش تماشائي آهن. هن چيو ته پوئين ٽن مهينن ۾ پيٽرول ۾ اضافو ۽ هر مهيني 4 روپيا اضافو ڪيو پيو وڃي. گئس بحران جاري آهي ڪراچي جون صنعتون بند ٿي رهيون آهن ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، پيٽرول هن مهيني 150 روپيا ليٽر کي ڪراس ڪندو، دوائن جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي پر انهن عوامي مسئلن تي ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪراچي ۽ سنڌ جي عوام جا خيرخواهه قرار ڏيندڙ خاموش ويٺل آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ماضي ۾ اسانجي حڪومت خلاف 4 دفعا عليحدگي صرف ان لاءِ اختيار ڪئي ته اسان عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري اضافو ڪيو، پر ان وقت به عالمي منڊي ۾تيل جي قيمت 145 ڊالر في بيرل هئي ۽ اسان 100 روپيا ليٽر ڪيو هو ۽ هاڻي عالمي منڊي ۾ تيل75 ڊالر في بيرل جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول 145 روپيا ڪيو ويو آهي ۽ هر مهيني 4 روپيا پيٽروليم ليوي جي نالي تي اضافو ڪيو پيو وڃي، پر ايم ڪيو ايم هڪ دفعو به ان تي احتجاج نه ڪيو جڏهن ته هي تمام اهم عوامي مسئلو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن 350 ارب روپين جا ٽيڪسز عوام تي مني بجيٽ تي نالي تي مسلط ڪيا ويا آهن ۽ ان تي جشن ملهايو پيو وڃي ته اسان ان کي منظور ڪرايو. اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف جي طابع ڪيو ويو آهي ۽ هي جماعتون بلدياتي نظام کي جواز بڻائي احتجاج ڪري رهيون آهن. سعيد غني چيو ته هاڻي ايم ڪيوايم، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي آءِ کي معلوم آهي ته هنن کي بلدياتي چونڊن ۾ذلت آميز شڪست کي منهن ڏسڻو پوندو تنهنڪري اهي جماعتون اهڙي قسم جا ڊراما ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته هاڻي ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون جماعتون اختيارن ۽ پاور جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاور ڪجهه به نه هوندو آهي پر ان پٺيان بيٺل شخص اصل پاور هوندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه اختيارن ۽ پاور جي لاءِ روئيندي رهي آهي پر هنن عوام کي ڪجهه ڊليور نه ڪيو. هاڻي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر ساڳين اختيارن تي پوري شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيو آهي. طاهر مشهدي چيو ته ڪراچي وارن کي هاڻي پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هنن کي لساني ۽ تعصب تي مشتمل سياست ڪندڙ جماعتن جو ساٿ ڏيڻو آهي يا پوري ملڪ جي عوام جي ترجماني ڪندڙ جماعت ۽ ان جي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻو آهي جيڪو هن ملڪ جي عوام جي حقيقي ليڊر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته داخله کاتي جي چارج وزيراعليٰ وٽ آهي. ضروري ناهي ته داخله کاتي جي هرشيءِ وزيراعليٰ جي علم ۾ هجي. قيدين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو هڪ طريقيڪار آهي جيڪڏهن ڪنهن قيدي کي فيور ڏني وئي هوندي ته ان جي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو تشويشناڪ آهي، بهترين پوليس آفيسر ڪراچي ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پوري ملڪ جي معاشي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي ۽ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي، اهو به هن جو سبب ٿي سگهي ٿو تنهنڪري حڪومت ۽ پوليس جو اهو فرض آهي ته ان جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا وڃن. 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان جو مارچ هڪ وڏي مقصد جي لاءِ آهي جيڪو هن وقت ملڪ جي هر شخص جو مسئلو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي موجوده نا اهل، نالائق ۽ سليڪٽيڊ حڪومت جي ناقص ۽ ناڪام معاشي پاليسين، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، گئس جي بحران، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ۽ عوام کي درپِيش مشڪلات خلاف احتجاج ڪندي رهي آهي ۽ جلد ئي ڪراچي جي سمورن علائقن ۾مظاهرا ڪيا ويندا ۽ اسين گورنر هائوس جي ٻاهريان احتجاج ڪري سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي هاءِ ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن آئين جي آرٽيڪل 158 تحت فيصلو ڏنو آهي ته صوبي ۾ 3 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنز کي روزاني 8 ڪلاڪ گئس فراهم ڪئي وڃي ڇو ته ڪي پي ڪي به پنهنجي استعمال کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو ۽ ساڳيو ئي ڪيس اسان جو آهي ته سنڌ صوبي کي پهريان هن جي حصي جي گئس ڏني وڃي پر هتي ته صورتحال اها آهي ته گهرن کي به گئس فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، صنعتون بند ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيندا پيا وڃن ان تي ڪو احتجاج نه ٿو ڪري صرف بلدياتي قانون جي آڙ ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ پنهنجو پاڻ کي سياسي طور تي زندهه رهڻ جي لاءِ ڊرامو رچائي رهيا آهن. جماعت اسلامي پاران انهن تي ڪيل تنقيد جي سوال تي هن چيو ته آءُ ڪراچي جو حقيقي ماڻهو آهيان ڪٿان هجرت ڪري نه آيو آهيان جنهن تي مونکي فخر آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جا ٻه دفعا ڪراچي ۾ ميئر ۽ سٽي ناظم فوجي آمرن جي ڪلهن تي آيا اهو آءُ نه ٿو چوان پر تاريخ جو حصو آهي، هوڏانهن  سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڌرڻو هڻندڙ پارٽيون غربت، بک، مهانگائي، دوائن جي اگهنن ۾ واڌ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻو ڇو نٿيون هڻن، وفاقي سرڪار ملڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان سنڌ کي هڪ سٺو بلدياتي نظام ڏنو آهي، ڪراچي بدلجي رهيو آهي، گذري فوٽ بال اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي حوالي سان منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته گذري اهو علائقو آهي، جنهن علائقي سان صدر پاڪستان ۽ گورنر سنڌ جو تعلق آهي پر اهي صرف ڳالهيون ڪرڻ ۾ پورا آهن، هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ پوليس جي پويٽرلنگ وڌائي وئي آهي، هن چيو ته عسڪري پارڪ کي يڪ ايم سي حوالي ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي، ان جو اصولي فيصلو ٿيو ويو آهي، جلد ئي ڪي ايم سي عسڪري پارڪ جو قبضو سنڀالي وٺندي، هن چيو ته ڪراچي جون پارٽيون بجلي جي اگهن ۾ 4 رپيا في يونٽ واڌ ڪرڻ تي ڇو احتجاج نٿيون ڪن، عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙيو پيو وڃي پر اهي پارٽيون اتي خاموش آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪرونا جي صورتحال کي سنڌ حڪومت سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو