ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي آر ڪالوني غير قانوني طور تعمير ڪيل پنج ماڙ عمارت جي درخواست بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،ايس بي سي اي کي غير قانوني عمارتن کي سرٽيفڪيٽ کانسواءِ نئين عمارتن کي يوٽيليٽي ڪنيڪشنز نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت سب رجسٽرار کي بلڊنگ جي ڪنهن به دستاويزن جي رجسٽريشن، ڪي اليڪٽرڪ، ايس ايس جي ۽ واٽر بورڊ کي ڪنيڪشن ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جيستائين ايس بي سي اي عمارت جو ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري تيستائين ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گيس ۽ واٽر بورڊ ڪنيڪشن نه ڏيۡ،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غيرقانوني عمارتن خلاف ڪارروائي ڪري ڏيڍ مهيني جي اندر ان بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران ايس بي سي اي عدالت کي ٻڌايو ته ايم پي آر ڪالوني ۾ تعمير ٿيل عمارت جي ڪا منظوري ناهي ورتي وئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عمارت ڪيرائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي.
113