98

شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس: بينڪرز قصوروار ناهن، فائدو کڻندڙ ماسٽر مائينڊ آهن: ايف آءِ اي

لاهور (م ڊ) شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾  ڄاڻايو ويو آهي ته بينڪرز قصوروار ناهن، فائدو کڻندڙ ماسٽر مائينڊ آهن، شهباز شريف خاندان جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي  جي بينڪرز کان جاچ بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ۾ بينڪرز جي ڪردار بابت اسٽيٽ بينڪ کان جاچ ڪرائي وڃي، رپورٽ روشني ۾ ڪو به بينڪرز قصور وار ناهي،بينڪرز خلاف مني لانڊرنگ ۾ مدد يا ثبوت ناهن  مليا، ايف آءِ اي جي رپورٽ حتمي آهي، ڪو به بينڪر ذميوار ناهي، ٻين ڪيسن وانگر ان ۾ به ماسٽر مائينڊ اهو آهي جنهن فائدو کنيو، بي نامي اڪائونٽ کلڻ ڪمرشل بينڪن جي ناڪامي آهي، رپورٽ موجب اسٽيٽ بينڪ کي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، چئي سگهجي ٿو ته بينڪرز جو ان ڏوهه ۾ ڪردار ناهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو