135

صوبائي وزير سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ تي اڳوڻي ايس پي جو الزام ڪوڙو ثابت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني تي اڳوڻي ايس پي ڊاڪٽر رضوان جا هنيل الزام ڪوڙا ثابت ٿيا آهن، سنڌ سرڪار صوبائي وزير سعيد غني جي درخواست تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عارف جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي هئي، سينيئر  آفيسرن جي جوڙيل ڪاميٽي انڪوائري رپورٽ ۾ اڳوڻي ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جاچ ڪاميٽي صوبائي وزير سعيد غني، سندس ڀاءُ فرحان غني ۽ علائقي واسين جا بيان رڪارڊ ڪيا، ذريعن موجب اڳوڻو ايس ڊاڪٽر رضوان ڪاميٽي وٽ بيان ڏيڻ رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ به نه آيو،ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ صوبائي وزير سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني تي هنيل سمورا الزام بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيا آهن،جاچ ڪميٽي موجب ڊاڪٽر رضوان جي هنيل الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، ان حوالي سان ڪوبه ثبوت نه مليو آهي،ڪاميٽي جاچ کانپوءِ رپورٽ گهرو کاتي کي موڪلي، جنهن کانپوءِ اها رپورٽ چيف سيڪريٽري کي موڪلي وئي،سنڌ سرڪار سينيئر آفيسرن جي جاچ رپورٽ کانپوءِ سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ کي ڊاڪٽر رضوان خلاف ڪارروائي لاءِ لکي ڇڏيو آهي،  سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته  ايس پي ڊاڪٽر رضوان مس ڪنڊڪٽ رپورٽ ڪڍي آهي، ان خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو