138

نيب سکر 58 ملين رپين جو چيڪ سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو

سکر (بيورو چيف) قومي احتساب بيورو سکر مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن کان پلي بارگين ذريعي حاصل ڪيل 58 ملين روپين جو چيڪ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ڊي جي نيب سکر اهو چيڪ تقريب دوران خزاني کاتي سنڌ جي نمائندي جي حوالي ڪيو ان موقعي تي نيب جا ٻيا آفيسر به موجود هئا، ان موقعي تي ڊي جي نيب مرزا سلطان احمد سليم جو چوڻ هو ته قومي احتساب بيورو سکر جي ٽيم پوري محنت ۽ لگن سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهيءَ جذبي سان ڪم ڪندي رهندي هن وڌيڪ چيو ته نيب ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هو مستقبل ۾ به بدعنواني جو خاتمو ڪرڻ لاءِ پر اميد آهي هن چيو ته اسان بنا ڪنهن خوف جي چيئرمين نيب جي وزن مطابق ڪم ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو