137

نصيرآباد ۾ زيادتي ۽ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، شهرين جو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

نصيرآباد (ن سوڀ) نصيرآباد ۾ زيادتي بعد تشدد ڪري قتل ڪيل معصوم نويد بروهي جا قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، شھري اتحاد پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ صدر سينگار نوناري، معشوق علي ڦلپوٽو،  عنايت تنيو، جاويد علي ڳنواس، ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو، عاشق ڪلھوڙو، فوزيا سينگار، عابدا چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مقتول نويد بروھي جي گھر کان جسٽس فار نويد بروھي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ناري جمھوري محاذ، استادن، وڪيلن، واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن، مقتول ٻالڪ جي چاچن، ڀينرن ۽ پيرسن عورتن پڻ شرڪت ڪئي، مظاهرين نصيرآباد ٿاڻي اڳيان پھچي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي  انصاف ڪيو انصاف ڪيو مقتول معصوم نويد بروھي سان انصاف ڪيو جا زوردار نعرا هنيا، جنھن بعد ڊي ايس پي خادم حسين بليدي ۽ ايس ايڇ او نعيم اختر ابڙو مظاهرين وٽ پهچي چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪيون پيا، اوھان پھريان ايف آءِ آر داخل ڪرايو، جنھن تي شھري اتحاد جي صدر سينگار نوناري چيو ته اھي پوليس جا روايتي حربا آھن، اوھان رياست طرفان به پاڻمرادو ڪيس داخل ڪري ايڪشن کڻي سگھو ٿا پر اوھان صرف ڪوڙا واعدا ڪري ڦري ويندا آھيو، اسان اوھان کي 24 ڪلاڪن جو وقت ڏيون ٿا ته معصوم نويد جا قاتل گرفتار ڪريو يا اسان کي پيرا سڌا ڪري ڏيو ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪري ڌرڻا ھڻنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو