151

رسول بخش پليجو کي جنگشاهي ۾ دفن ڪري دشمني ڪئي وئي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ عظيم ڏاھي، مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگرھ 20 جنوري تي ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي، ترجمان جي پڌرائي موجب عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگرھ جا پروگرام سڄي سنڌ ۾ ڪيا ويندا،ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته رسول بخش پليجو تي ميلا لڳڻ کپن ھا، ان تي ته لکين ماڻھو گڏ ٿين ھا جڪڏھن ھو مڪلي تي ھجي ھا، جيڪڏھن حيدرآباد ۾ سندس مزار ھجي ھا ته سڄي سنڌ جيڪا ڪينجھر ويندي گذري ھا يا ڪراچي ويندي ٺٽي وڃي ھا يا حيدرآباد مان ٺٽي ڪراچي وڃي ھا ته شاگرد، ھاري، عورتون ٻار انھن جا ھجوم ھجن ھا ته جيڪڏهن ان مڪلي جي چوڪ تي رسول بخش پليجو جي مزار ھجي ھا، ان کي اتان کڻي جھنگ ۾ جنگشاهي کان ھڪ نئين جي ڪپ تي ھڪ ذاتي اوطاق تي رکي عوام کان پري ڪيو ويو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پراڻي زماني ۾ خط لکي ايڊريس لکبي ھئي ته خط دڪاندار کان ٿيندو فري ملي فلاڻي کي ان خط وانگر اسان جي ان سرفروش سربراھ کي ٺٽو پوءِ مڪلي کان ويھه ڪلو ميٽر پري ھڪ نئن جي ڀرسان رکيو ويو، ھاڻي اھا رسول بخش پليجو سان دشمني ڪئي وئي آهي، ڇا جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار ڀٽو، رسول بخش پليجو جا نالا استعمال ڪري اسان ارب پتي ٿي وڃون ۽ انھن جي جدوجھدن جي بلڪل ابتڙ ھلون، جيڪا ڳالهھ ۽ جنھن لاءِ ھو وڙھيا ھجن، جنھن لاءِ ھو ميدان ۾ نڪتا ھجن، لڙيا ھجن، انھن کي ڇا ورھائي ڇڏجي. ڀٽي جي مزار تي ٻه جلسا پيا ٿين، جي ايم سيد جي مزار تي پنج ست جلسا پيا ٿين، ھڪڙو ھڪڙي ڳالھ ڪندو ٻيو ٻي ڳالهھ ڪندو ورھائي ڇڏيو اٿن، رسول بخش پليجو جي سالگرھ کي به ورھايو ويو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته 2017 ۾ جڏھن ٿر کان نڪتا ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ اچي 21 فيبروري تي سالگرھ ملھايائون، ۽ پوءِ تاريخ کي تبديل ڪيو ويو اھا به رسول بخش پليجو سان دشمني ته ھڪڙو ڏينھن نه ھجي، ماڻھو چوندا ته مون تي سڀ ھڪڙي ڏينھن تي گڏ ٿين، جي ايم سيد جا ساٿي چوندا آهن ته سڀ ان تي ھڪڙي ڏينھن گڏ ٿين، سڀ ماڻھو خوش ٿين ۽ ان جو نالو وٺن، پيپلزپارٽي وارا خوش ٿيندا آھن ته سڀ ڀٽي جو نالو وٺن، ھي تہ وري اھڙي بي ٽيم جي ور چڙهي ويا جيڪي چون ٿا ته خبردار جو پليجو صاحب جو نالو ورتو اٿئو، خبردار جيڪو رسول بخش پليجو جو ڦوٽو ھڻي، خبردار جيڪو رسول بخش پليجو لاءِ ڪو گيت ڳائي، معني رسول بخش پليجو جو ڪو نالو ئي نه وٺي، انھن جو رسول بخش پليجو سان ڄڻ ڪو پلاند رھيل ھو. قومي عوامي تحريڪ سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ 20 جنوري تي عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي سالگرھ ملھائيندي، سڄي سنڌ ۾ سالگرھ پروگرام ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو