100

ڪابه اِن هائوس تبديلي نه ايندي، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين:وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي پريس ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيد چيو آھي ته ڪابه اِن هائوس تبديلي نه ايندي، بي اعتمادي رٿ آئي ته اپوزيشن جا 26 ووٽ گهٽجي ويندا، ڊيل جون ڳالهيون ڪيون ويون ته هاڻي ڍَر به ناهي رهي، صحافين سان ڳالھائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي، خزاني تي بار هجڻ سبب آءِ ايم ايف جون سختيون وڌي رهيون آهن، چارئي شريف سياست مان مائنس آهن، شهباز شريف وزيراعظم لاءِ ڊيڄاريندڙ نه، پر سهڻو خواب آهي، ھن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ گيهه مافيا جي نصيب ۾ پئسو نه آهي، پي ڊي ايم وارا 2 بدران 3 مارچ ڪن، حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين، نواز شريف تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته بيماري جا ڊراما ڪرڻ سان ماڻهو واقعي بيمار ٿي پوندو آهي، بزدلن جو ٽولو پئسي لاءِ سياست ڪري ٿو، نواز شريف واپس اچي ۽ مقابلو ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو