100

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کانپوءِ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کانپوءِ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، اين سي او سي اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا جي شرح وارن ضلعن ۽ شهرن ۾ انڊور تقريبن تي پابندي ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ 300 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن شهرن ۾ ويڪسين جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ هوندي اتي 300 ويڪسين ٿيل ماڻهو انڊور ايونٽس ۾ حصو وٺي سگهندا، جڏهن ته 500 ويڪسين ٿيل ماڻهن کي آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ شرڪت جي اجازت هوندي، اين سي او سي اجلاس ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا جي شرح وارن شهرن ۾ تعليمي سرگرميون محدود ڪرڻ ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي متبادل ڏينهن تي اسڪول موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اين سي او سي جي بيان موجب ايس او پيز تي عملدرآمد 10 سيڪڙو ۽ ان کان مٿي جي شرح وارن علائقن ۾ ايس او پيز 20 کان 31 جنوري تائين لاڳو ٿينديون، ڪورونا ايس او پي ايس عمل ڪرڻ جو فيصلو اجلاس ۾ انگ اکرن جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو