85

جيڪي بلدياتي قانون کي ڪارو قانون سڏين ٿا، مڪاني چونڊن ۾ اُنهن جو منهن ڪارو ٿيندو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حيدرآباد ۾ خطاب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ عمران خان جا سهولتڪار لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته ٻڌي سان هن سازش کي ناڪام بڻائين، حيدرآباد ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته اسان پنهنجا حق گهرندا رهنداسين، هو لساني طور ويڙهائڻ جي ڪوشش جاري رکندا، سنڌ ۾ سڀ هڪ آهيون ۽ اسان ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، پ پ چيئرمين متحده ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کين بلدياتي چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي، جيڪي بلدياتي قانون کي ڪارو قانون سڏين ٿا، مڪاني چونڊن ۾ اُنهن جو منهن ڪارو ٿيندو، هن چيو آهي ته 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين ۽ نااهل حڪمرانن کي نيڪالي ڏئي ڪٺ پُتلي نظام جو خاتمو آڻينداسين، وقت جي آمر ۽ ظالم لاءِ جيالا ڪافي آهن، اسان هنن جو بندوبست ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو