94

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپيا تائين واڌ جو امڪان آهي، صنعت ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب پهرين فيبروري کان ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ ڦيرڦار يا ٽيڪسن ۾ تبديلي جي ڪري حتمي قيمت 30 جنوري تائين طئي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو