94

پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان پاڪستان جون ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگهن، هاڻي بندش پيل تنظيم سان جنگ ٿيندي، اُن کانسواءِ ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي:شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان پاڪستان جون ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگهن، سينيتر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شيخ رشيد شرڪت ڪئي، شيخ رشيد ڪميٽي ٽي ٽي پي جيڪي شرط رکيا آهن اهو قبولڻ جوڳا ناهن، ٽي ٽي پي پاڻ سيز فائر کي ٽوڙيو آهي، ڪجهه ٻين ڌڙن به ٽي ٽي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، اهي ڀارت ۽ افغانستان سان مليل آهن. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽي ٽي پي جي ڌڙن طرفان ٻين سان رابطن جا ثبوت مليا آهن، هاڻي بندش پيل تنظيم سان جنگ ٿيندي، اُن کانسواءِ ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو