لاهور (ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف حڪومت خلاف وڌيڪ متحرڪ ٿي ويو آهي، هن حڪومت ڊاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کان مدد گهري ورتي آهي جڏهن ته مسلم ليگ ق ۽ ٻين پارٽين سان به رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ نوازشريف فون تي فضل الرحمان سان رابطو ڪري کي پارٽي جي فيصلن جي ڄاڻ ڏني. جڏهن ته اڱاري ڏينهن ايم ڪيو ايم قيادت ن ليگ صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف متحده کي بي اعتمادي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن جي ايجنڊا واضح ٿيڻ تائين مهلت گهري آهي. ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ ڪراچي جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر ن ليگ صدر شهباز شريف سان ملاقات لاءِ ماڊل ٽائون پهتا. ٻنهي جماعتن وچ ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي آڻڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ن ليگ ان معاملي تي متحده کان حمايت گهري پر ايم ڪيو ايم چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا واضح ٿيڻ تائين ڪو به فيصلو نٿا ڪري سگهون، معاملو واضح ٿي وڃي ته بهتر فيصلو ڪنداسين. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان بي اعتمادي ۾ حمايت لاءِ متحده سان ملياسين، کين ٻڌايو ته اهو آئيني طريقو آهي، توهان ساٿ ڏيو، ايم ڪيو ايم وٽ گهڻو وقت نه آهي، انهن تڪڙو فيصلو نه ڪيو ته قوم کانئن سوال ڪندي. عامر خان چيو ته شهباز شريف جي اڃان پي ڊي ايم سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻي آهي، اپوزيشن اڃان معاملا چٽا نه ٿيا آهن. ڪجهه سوال وقت کان اڳ آهن، شيون واضح ٿيون ته بهتر فيصلو ڪنداسين، اسان شهباز شريف جي درخواست تي مشاورت ڪنداسين. ٻي پاسي ايم ڪيو ايم جي وفد مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي سان به ملاقات ڪري تازي سياسي صورتحال بابت مشاورت ڪئي، بنهي پارٽين ڏسڻ ۽ انتظار ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو . چوڌري پرويز الاهي چيو ته اپوزيشن بي اعتمادي واري رٿ جو پاڻ ئي جواب ڏيندي، هن وقت سامان رڌڻي ۾ گڏ ٿي رهيو آهي، پهرين ڪا شئي ته سامهون اچڻ ڏيو، جڏهن ڪجهه پچي تيار ٿيندو ته پوءِ ڪوفيصلو ڪنداسين. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي ان هائوس تبديلي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان سلسلي ۾ هن جي جلد فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪندو ان کان علاوه هو سنڌ جي قومپرستن ۽ جي ڊي اي سان پڻ رابطا ڪندو.
88