96

سليڪٽڊ عمران خان ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي: آصفه ڀٽو

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو چيو آهي ته سليڪٽڊ عمران خان ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، ڊيرا اسماعيل خان ۾ بلدياتي چونڊن بابت پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عمران خان پنهنجي غلط پاليسين جي ڪري معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، زراعت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، غربت عروج تي آهي، هن چيو ته مهانگائي حد کان وڌي چڪي آهي، ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ تڙپي رهيا آهن، مريض دوائون نٿا خريد ڪري سگهن، هڪ پاسي اهي ماڻهو آهن جيڪي دين جو سهارو وٺي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائين ٿا، ٻئي طرف پيپلزپارٽي آهي، پيپلزپارٽي ملڪ ترقي جي لاءِ ڪم ڪري ٿي، عوام جي فلاح جو سوچيندي آهي، اسان هن ملڪ کي آئين ڏنو، ملڪي دفاع مضبوط ڪيو  ۽ ملڪ جي لاءِ شهادتون به قبول ڪيون، اسان بينظير ڪارڊ جاري ڪيو، اقتصادي راهداري جو بنياد رکيو، مان توهان سان واعدو ڪيان ٿي ته اسان ملڪ کي وڌيڪ ترقي يافته ۽ مضبوط بڻائينداسين، اسان عوام کي حق ڏينداسين، معيشت بهتر ڪنداسين، عوام اسان جو ساٿ ڏئي، هن چيو ته 13 فيبروري تي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيو، تير تي ٺپو هڻي فيصل ڪريم ڪنڊي کي ڪامياب ڪريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو