اسلام آباد (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ڪاڪردگي جو جائزو تعصب جي عينڪ پائي نه ڪريو، اسان وٽ نه لفافو نه ٽوڪري آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عالمي ادارا به احتساب بيورو جي ڪارڪردگي جو اعتراف ڪن پيا، رهزن ۽ رهنمائن ۾ فرق جو عوام کي پتو پئجي ويو آهي،وقت سان گڏ بهتري ايندي، ڪيس برقي رفتار سان هلندا، چانهه جي پيالي ۾طوفان اٿيو آهي ته نيب ريڪوري ڪٿي آهي، جيڪا ايراضي نيب ريڪور ڪرائي اها رقم جي صورت ۾ ناهي، ان جي ماليت اربين رپين جي هئي،نيب ريڪور ڪيل سون به مرڪزي حڪومت کي ڏئي رهي آهي، گاڏيون، پراپرٽي ۽ رقم به بر آمد ڪئي آهي.
105