86

سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ جملن جي ڏي وٺ، گوڙ، ايوان مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ جملن جي ڏي وٺ، گوڙ، ايوان مان واڪ آئوٽ، رپورٽ موجب ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي جي سربراهي۾ سينيٽ اجلاس ٿيو، جماعت اسلامي جي سنيٽر مشتاق احمد وزير جي نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته  وزير هتي ڇو ناهي؟ ڇا اسان فارغ آهيون. مسئلو آهي ته منسٽر کي ڏسندي سيڪريٽري به نٿا اچن، جنهن تي ڊاڪٽر شهزاد وسيم ڳالهائيندي چيو ته هيلٿ جو وزير ناهي، خصوص معاون آهي، اهو ايوان ۾ ناهي ايندو، وزير سوالن جا جواب ڏيندو آهي،اپوزيشن ايوان مان گوڙ ڪري واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اعجاز چوڌري ۽ انواالحق جي موڪلڻ باوجود واپس نه آيا، شيري رحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اپوزيشن کانسواءِ اجلاس هلائي رهي آهي،ان جي ڪابه حيثيت ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو