94

اليڪشن ڪميشن پنهنجن حدن کان وڌي پئي، قانون نه ٺاهڻ واضع ناڪامي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ)سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، ڪي پي ڪي جي تعلقي لڪي مروت جي 5 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊن جو فيصلو برقرار رکيو ويو، چيف جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن پنهنجن حدن کان وڌي پئي، قانون نه ٺاهڻ واضع ناڪامي آهي،اليڪشن ڪميشن کي نيم عدالتي اختيار ملندي ڪيترو عرصو گذري چڪو آهي، اڃا قانون ناهي ٺاهيوۡ،پنهنجو قانون جلد ٺاهي شايع ڪريو، الڪيشن ڪميشن وٽ پولنگ ۽ نتيجن ۾ مداخلت جا وسيع اختيار آهن، عدالت وڪيلن جي دليلن کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو