101

هڪ ٻئي کي سليڪٽڊ چوندڙن ٻيهر ملاقاتون شروع ڪيون آهن: فرخ حبيب

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ ٻئي کي سليڪٽڊ چوندڙن ٻيهر ملاقاتون شروع ڪيون آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به اسان سان گڏ هئا ۽ اڳتي به اسان سان ئي گڏ هوندا،سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، ملاقاتن سان حڪومت تي ڪو  فرق نه پوندو،شهباز شريف خلاف ايف آءِ اي ۾ 16 ارب رپين جو ڪيس هلي پيو، نيب ۾ ساڍا 7 ارب  جي ٽي ٽييز جو ڪيس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو