107

تعليم کاتي سوالنامي ۾ غلطين ۽ هارڊ ايريا جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  آءِ بي اي سکر پاران پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڀرٿين دوران سوالنامي ۾ غلطين، ڪورس کان ٻاھر ڏنل سوالن ۽ ھارڊ ايريا بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ تعليم کاتي ڪاميٽي قائم جوڙي ڇڏي آهي، سيڪريٽري تعليم اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سيڪنڊري ۽ ٻين کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، ڪاميٽي مھيني اندر جاچ مڪمل ڪري 28 فيبروري تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ھارڊ ايريا بابت ڪميٽي نوٽيفائي علائقن جي ٻيھر جاچ ڪري جيڪي غيرقانوني ڄاڻايل آھي انھن جي به نشاندھي ڪندي، جڏهن ته جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزنل بينچ 8 کان وڌيڪ وڪيلن پاران داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي غلط سوالن تي گريس مارڪون ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت ھارڊ ايريا بابت ڪميٽي جوڙي ھارڊ ايريا بابت نوٽيفائي علائقن جي ٻيھر جاچ ڪري غيرقانوني ڄاڻايل علائقن جي نشاندھي  ۽ مھيني اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو