100

گرين سگنل جي انتظار ۾ ناهيون، نه ته گهر ويٺا هجون ها:پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) پي ڊي ايم سرابراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گرين سگنل جي انتظار ۾ ناهيون، نه ته گهر ويٺا هجون ها، ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته معاملا ويڙهجن پيا، نااهل، نالائق ۽ ناجائز حڪومت نٿا ڪري سگهن عمران خان قوم جو ڏوهاري آهي، عوام آڏو سامهون اچي ڏيکاري ته خبر پوندي،اسان جي جدوجهد جو ٽارگيٽ نظام جي تبديلي آهي، بي اعتمادي مشوري سان آڻينداسين، هن چيو ته عوام کي ووٽ جي امانت واپس ڏيارينداسين، ناجائز حڪومت  خلاف اسانجي ڪيل جدوجهد ضايع نه ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو