172

نئون ڪوٽ ناريون اغوا ۽ لڄالٽ مامري جو سنڌ سرڪار نوٽيس ورتو، جاچ ڪاميٽي قائم، 12 جوابدار گرفتار، ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

نئون ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ محمد حنيف راجپوت مان ٽنگڙي برادري جي ماڻهن هٿان اغوا بعد مبينا لڄالٽ جي شڪار نارين فضا ۽ ڪنول راجپوت واري ڪيس ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري مک جوابدار نظر علي ٽنگڙي سميت 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نئون ڪوٽ پوليس گرفتار ٽن جوابدارن امير حيدر ٽنگڙي، ميرحسن ٽنگڙي ۽ عطا محمد ٽنگڙي کي سول جج ٽو ڊگهڙي جي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو، هوڏانهن بازياب ڪرايل متاثر نارين ۽ وارثن سان ايس ايس پي مير پور خاص ڪيپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري ملاقات ڪئي، ٻنهي نارين کي اجرڪون اوڍايون، ايس ايس پي متاثرن کي مڪمل انصاف ۽ سيڪورٽي ڏيڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته 12 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، باقي مک جوابدار  جلد گرفتار ڪيا ويندا، جيڪو پوليس اهلڪار گلزار ٽنگڙي ملوث آهي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي اسان جي پوليس مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهئي آهي، هوڏانهن تڪ جي چونڊيل پ پ پ ايم پي اي مير طارق علي ٽالپر متاثر خاندان وٽ گهر نئون ڪوٽ پهچي پ پ پ چئيرمن بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام پهچايو ۽ متاثر نياڻين سان انصاف ڏيڻ جو يقين ڏياريندي چيو آئون پ پ پ چئيرمن بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي هتي آيو آهيان هي منهنجو تڪ آهي هن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين جلد پهچايو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ايم پي اي مير طارق علي ٽالپر چيو ته نفيس نگر پوليس چيڪ پوسٽ جو انچارج گلزار ٽنگڙي ملوث آهي ته ان کي معطل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي، واضح رهي ته ڳوٺ محمد حنيف راجپوت ۾ پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل ناري جي پلاند ۾ راجپوت برادري جي ماڻهن  ٽنگڙي برادري جي گهرن تي حملو ڪيو هو، جنهن دوران ٻن پرڻيل ناري فضا ۽ 13 سالا ڪنول کي اغوا ڪري مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن واقعي جو فريادي علي رضا راجپوت جي فرياد تي ٽنگڙي برادري جي 20جوابدارن خلاف ڪيس نئون ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، هوڏانهن پيپلز پارٽي ليڊر ونگ جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر نئون ڪوٽ واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو، ايس ايس پي ميرپورخاص واقعي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته عورتن سان زيادتي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جي حقدار ناهن، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري متاثر نارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي پاسي انساني حقن بابت وڏي وزير جي خاص معاون سريندر ولاسائي نئون ڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ 3 رڪني فيڪٽ فائڊنگ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، فيڪٽ فائڊنگ ڪاميٽي جي سربراهي ڪاشف بجير ڪندو، نور النساءِ ابڙو ۽ سمترا منجياڻي ميمبر هوندي، ڪاميٽي متاثر نارين، ان جي خاندان سميت لاڳاپيل آفيسرن ۽ ماڻهن سان ملاقات ڪري حقيقتون معلوم ڪندي، ڪاميٽي ايندڙ وقت اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ تجويزون ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو