ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي مان پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن
ڪراچي: متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ڪراچي مان پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن.اڳوڻو صوبائي وزير محمد حسين کي ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو جڏهن ته خواجه اظهار الحسن پهريان ناراض هو پر پوءِ کيس اين اي 247 تان قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي راضي ڪيو ويو. ان سيٽ تي اڳ ايم ڪيو ايم جو اميدوار مصطفيٰ ڪمال هو، هاڻي مصطفيٰ ڪمال رڳو هڪ سيٽ اين اي 242 تان وڙهندو. |