108

حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي نڪتو: رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي نڪتو، اسپيشل برانچ پنهنجي ۾  رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته حريم شاهه جو مڙس بلال شاهه آهي، جيڪو سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي آهي، کيس ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي پهرين آڪٽوبر 2021 ۾ برطرف ڪيو ويو هو،مٿس ڀتو جمع ڪرڻ، منشيات فروشي ۽ مساج سينٽر تان پڻ ڀتو وٺڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي،بلال شاهه قيوم آباد ڪچي آبادي جو رهواسي آهي، ڪجهه مهينا اڳ ڊفينس ۾ رهائش اختيار ڪئي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بلال شاهه چيو ته شوق جي لاءِ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هئس، پر هاڻي ڊيوٽي تي ناهيان ويندو، ويگو ناهي، ان کان سٺيون گاڏيون آهن، ڪرائي جي گهر ۾ ناهيان رهندو گهر ڪرائي تي ڏيندو آهيان،  حريم شاهه سان 4 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، تاريخ ياد ناهي، ايف آءِ اي پويان پئجي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو