ميھڙ (ن سوڀ) ميھڙ ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نور شاهه مقام ڀرسان ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس جو ايس ايڇ او قابل ڀيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڏوهاري غلام عباس برهماڻي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مارجي ويل ڏوهاري وٽان هڪ رپيٽر ۽ 10 ڪارتوس هٿ آيا آهن، ايس ايڇ او قابل ڀيو موجب هٿيارن بندن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب پوليس موبائيل جا شيشا ٽٽي پيا، مارجي ويل ڏوهاري تي 42 کان وڌيڪ ڪيس آهن، هو پوليس کي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هيو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن، انهن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، مارجي ويل جوابدار جو لاش تعلقي اسپتال ميهڙ آندو پيو وڃي، جڏھن ته ٻئي پاسي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ھٿيار بند غلام عباس برھماڻي واري واقعي جو ڪيس ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ سڪندر علي جتوئي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته ھٿياربندن جو نورشاھ قبرستان ڀرسان سم شاخ وٽ پوليس کي فائرنگ ڪري ڏني، 10 منٽن جي فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ھڪ ھٿياربند پنھنجي ئي ساٿين جي لڳل گولين سبب زخمي ٿي، جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو، مارجي ويل زخمي حالت ۾ ٻڌايو ته آئون نالي غلام عباس برھماڻي ويٺل ڳوٺ احمد خان برھماڻي دادو تعلقي جو آهيان، بعد ۾ زخمن جا تاب نه سھندي موقعي تي فوت ٿي ويو جاچ بعد معلوم ٿيو ته مارجي ويل ھٿيار بند ڪيترن ئي ڏوھن ۾ گھربل ھيو، جڏھن ته مارجي ويل ھٿياربند جا وارث سندس ڀيڻ زاھده ۽ سندس ڀاڄائي ساران ميھڙ اسپتال پھچي مارجي ويل غلام عباس جو لاش وصول ڪيو، ھنن چيو ته اسان ٽي وي تي خبرون ٻڌي ھتي پھتيون آھيون لاش مخدوم بلاول کڻائي ويون.
123