ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ملڪ طاقتور کي قانون جي ماتحت نه آڻي اُهو تباهه ٿي ويندو آهي، پي ٽي آءِ جي منشور ۾ قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست آهي ۽ منهنجي جدوجهد قانون جي حڪمراني لاءِ آهي، پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران چيو آهي ته افغانستان ۾ امريڪا جا مفاد واضح نه هئا، مفاد واضح نه هجن ته ناڪامي ملندي آهي، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس افغانستان جي تاريخ جي خبر آهي، هن هميشه چيو آهي ته افغان مسئلي جو فوجي حل ناهي ڇو ته افغانستان جو عوام پرڏيهي حڪمرانن کي قبول نه ٿو ڪري، جڏهن ته آمريڪا افغانستان جي تاريخ پڙهي ئي ناهي جيڪي افغانين جي تاريخ کان واقف آهن اهي اهڙا قدم ناهن کڻندا، هن چيو ته اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ آمريڪي مشن ختم ٿيڻ گهرجي ها، افغانستان ۾ آمريڪا جا مقصد واضح نه هئا، افغانستان ۾ ان جو مشن غلط ۽ بي مقصد هو ، جڏهن ته افغان مسئلو اهو آهي ته آمريڪا طالبان حڪومت ۽ عوام ۾ فرق نه ڪري سگهيو، 40 سالن کانپوءِ اڄ افغانستان ۾ ڪو به تڪرار ناهي، اڄ افغانستان ۾ گهرو ويڙه ناهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان حڪومت خلاف پابنديون افغان عوام کي نقصان پهچائي رهيون آهن، افغانستان سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ان ڪري پرڏيهي امداد جي بندش انساني تاريخ جو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته مان راند سان وابسته ٿيڻ بدران چيلنجنگ فيلڊ جي چونڊ ڪئي، چيلنج قبول نه ڪرڻ ڪمزوري جي نشاني آهي، راند جو ميدان ڇڏڻ کانپوءِ مان سڀ کان پهرين ڪينسر اسپتال ٺاهي، عطين جي مدد سان ٻه ڪينسر اسپتالون ٺاهيون، ڪمزور طبقن جي جي لاءِ ٻه يونيورسٽيون ٺاهيون، هن چيو ته مان 21 سال ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ملڪ کي ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، مان 22 سال وڙهندو رهيس ۽ وزيراعظم بڻجي ويس، وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڪرپشن سبب ملڪ غريب ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو ملڪ طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آڻيندو اهو تباهه ٿي ويندا آهن، منهنجي پارٽي جو منشور ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست جو قيام آهي، جڏهن اسان حڪومت ٺاهي ته اسان جي ترجيح ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ هئي.
68