لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز تي 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، اسپيشل جج سينٽرل لاهور ۾ شوگر ملز ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران عدالت جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جو مختصر لکت وارو فيصلو جاري ڪندي شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن کي 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.
109