ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ تمام گهڻا مسئلا آهن، اسان جي معيشت صحيح رستي تي هلي رهي آهي پر ملڪ ۾ شين جون قيمتون ساڳيون هجڻ گهرجن، 18هين ترميم کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفارتڪارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو چين جو دورو انتهائي اهميت وارو هو، 2019 کانپوءِ ڪورونا اچي ويو ۽ چين ۾ سڀ ڪجهه بند ٿي ويو، چيني قيادت اسان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، چين جي دوري کانپوءِ اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ مختلف اگهن تي وڪرو ٿي رهي آهي، ڪڻڪ جو اگهه هڪ ملڪ ۾ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن چين ۾ ڪو فيصلو ٿئي ٿو ته هر هنڌ ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو پر هتي فيصلن تي عملدرآمد نٿو ڪيو وڃي، عمران خان چيو ته مان ۽ منهنجي ٽيم پنهنجي هدايت تي بلڪل واضح آهيون، ملڪ کي سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي پر جيڪڏهن توهان سڌارا نٿا آڻڻ چاهيو ته پوءِ سڀني کي خوش ڪري سگهو ٿا، بل پاس ڪرڻ لاءِ اڪثريت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪرايون ٿا ته سينيٽ ۾ ڦاسي ٿا پئون، ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان ڪورونا مان چڱي ريت ٻاهر نڪري آيا آهيون، لاڪ ڊائون نه ڪرڻ تي مون تي تنقيد ڪئي وئي، جيڪڏهن مان لاڪ ڊائون ڪيان ها ته هيٺيون طبقو پيڙهجي وڃي ها، هن چيو ته چين ۾ ڪورونا جي صورتحال کي تمام گهڻو سنجيده ورتو ويو آهي، ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا اسان جا ڪورونا ٽيسٽ ٿيند ها، افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ سڀني جو اتفاق آهي، آمريڪا کانسواءِ سڀني جو خيال آهي ته افغانستان جا منجمد اڪائونٽس بحال ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته آمريڪا کي اڃا به وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، عمران خان چيو ته 2 سال اڳ پيوٽن سان منهنجي ڊگهي ملاقات ٿي هئي، روسي صدر جي اسلامو فوبيا تي بيان کانپوءِ مون به ٽوئيٽ ڪيو هو، جڏهن مون روسي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هن چيو ته روس ۾ اسلام فوبيا ناهي.
120