87

هجوم هٿان قتل جي واقعن کي سختي سان چِٿيو ويندو: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ميان چنو واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته ڪنهن فرد يا گروهه طرفان قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته هجوم هٿان قتل جي واقعن کي سختي سان چِٿيو ويندو، آءِ جي پنجاب کان واقعي جي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتي، وزيراعظم چيو ته فرض نڀائڻ ۾  ناڪام رهندڙ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جا به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو