92

ملڪ ۾ ڪورونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 41 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 41 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، پاڪستان ۾ ڪورونا جي انگن اکرن جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 55304 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3206 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 41 ڄڻا فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.79 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29772 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 1483798 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو