81

فضل الرحمان جو اڳوڻي صدر سان رابطو،آصف زرداري پاران بي اعتمادي رٿ ۾ پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ جي خاطري

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ  پيپلز پارٽي حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ آڻڻ لاءِ پوري مخالف ڌر  سان گڏ آهي. ان سلسلي ۾ ڇنڇر ڏينهن  پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري سان فون تي رابطو ڪري ساڻس حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ ۽ حڪومت مخالف تحريڪ سوڌو ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.  فضل الرحمان آصف علي زرداري کان طبيعت بابت پڻ پڇيو. فون تي ڳالهه ٻولهه دوران آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي بي اعتمادي رِٿ جي معاملي ۾ پوري مخالف ڌر سان گڏ آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم سربراھ فضل الرحمان چيو ته وفاقي حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي اتحادين سان به جلد رابطا ڪيا ويندا. ٻي پاسي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضلالرحمان  حڪومت جي اهم اتحادي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري شجاعت وٽ پڻ پهچي ويو ۽ ان کان پڻ  حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ حمايت گهري ورتي. ملاقات ۾ چوڏري پرويز الاهي ۽ جي يو آءِ جو اڳواڻ اڪرم دراني پڻ موجود هو . ان موقعي تي مسلم ليگ ق مولانا فضل الرحمان کان پارٽي اندر مشاورت ڪرڻ  لاءِ مهلت گهري ورتي،  جڏهن ته چوڌري شجاعت چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سان پراڻا لاڳاپا آهن، ملڪ جي لاءِ جيڪو به ٿي سگهندو سو ڪنداسين. هن وڌيڪ اهو پڻ چيو ته اسان کي مخالف ڌر سان پڻ ڪجهه شڪايتون آهن. هوڏانهن مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف  پڻ اڄ چوڌري شجاعت ملاقات ڪندو  ۽ اهو پڻ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ حمايت گهرندو. هوڏانهن لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان پنهنجن وزيرن ۾ سندون ورهايون، سڀني کي خبرآهي ته سندون هميشه راند ختم ٿيڻ تي ورهايون وينديون آهن. فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي خبر پئجي وئي آهي ته سندن راند ختم ٿي چڪي آهي ۽ هنن سندون ورهائي پنهنجي راند جي خاتمي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ان لاءِ اپوزيشن به گذريل رات پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو