115

سنڌ حڪومت جیان پنجاب، ڪي پي ۽بلوچستان حڪومتون به شاگرد يونين کي بحال ڪن: صوبائي وزير اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان کان شاگرد يونينز جي بحالي جو قانون آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت جیان پنجاب، ڪي پي ۽بلوچستان حڪومتون به شاگرد يونين کي بحال ڪن شاگرد يونين جي بحالي چيئرمين بلاول ڀٽوجو ويزن هو، يونيورسٽيز واري صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو دنيا ۾ پاڪستان جي جمهوري اميج/ تاثر کي بهتر ڪندو، عمران خان جهڙي آمراڻي سوچ ۽ دقيانسوي سوچ رکندڙ نٿا چاهين ته سياست جون هي نرسريون پروان چڙهن، اسماعيل راهو چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين کي سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ۾ به نمائندگي ملندي، يونينز شاگردن ۽ تعليم جي فلاح و بهبود تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڀرپورڪردار ادا ڪندي، هن چيو ته دنيا جي وڏي تعليمي ادارن ۾ اهي يونينز شاگردن ۽ تعليم لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيون آهن، ٻين ملڪن ۾ شاگرد يونينز تعليمي ادارن ۽ حڪومتي جي سرپرستي ۽ سهڪار باقائده حاصل هوندي آهي، اسماعيل راهو چيو ته شاگرد يونين سان ملڪ ۾ حقيقي سياسي ليڊر اڀرجي سامهون ايندا ۽ ملڪ جي خدمت ڪندا، يونينز سوسائٽي جي تمام فردن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو