ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھن صديءَ ۾ جراحي شعبي ۾ سڀ کان مٿاھين روبوٽ جي مدد سان سرجري ۾ جدت آئي آھي ۽ اھا شيءِ جيڪا روبوٽڪ سرجري کي فائدي مند بڻائيندي آھي ان ۾ انساني سرجن جي حڪم تحت ٺيڪ ۽ درست اپاءَ وٺڻ واري صلاحيت آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ جسم جي انھن ننڍين جڳھن جتي سرجن جا ھٿ نھ ٿا پھچي سگھن ۽ اکيون نٿيون ڏسي سگھن اتي روبوٽڪ ھٿ سولائيءَ سان پھچي وڃن ٿا. اھا ڳالھھ ھن ڪالهه سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) ۾ پاڪستان جي پھرين سينٽر آف ايڪسيلنس ان روبوٽڪ سرجري اينڊ ٽريننگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ پارليماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھھ، پروفيسر ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ٻين لاڳاپيل پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ روبوٽڪ اوزارن جي تمام سٺي ميگنيفڪيشن ۽ درستگي انساني سرجن کي ان قابل بڻايو آھي تھ اھي مريض جي علاج لاءِ بلڪل اھو ڪم ڪري سگھن جيڪو اھي چاھن ٿا. ھن وڌيڪ چيو تھ روبوٽڪ سرجريءَ جا فائدا يورولاجي، ڪولوريڪٽل، ھيپاٽوبيليري، فارگيٽ سرجري ۽ گائنا ڪولاجيڪل سرجري وارن شعبن ۾ وڌيڪ حاصل ٿيندا. ايس آءِ يو ٽي ۾ روبوٽڪ سرجري ڊپارٽمنٽ ۽ ٽريننگ سينٽر جي تاريخ بيان ڪندي سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پھريون روبوٽ 2017ع ۾ سنڌ حڪومت انٽيوٽيو سرجيڪل ڪمپني، يو ايس اي – دي ڊاونچي سسٽم کان حاصل ڪيو ھو. ان نظام کي ڊاڪٽر روٿ فائو سول اسپتال ۽ ايس آءِ يو ٽي ٻنھي ۾ استعمال ڪيو ۽ بعد ۾ روبوٽ کي ايس آءِ يو ٽي ۾ ھڪ وقف ٿيل روبوٽڪ سرجري يونٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. ھن وڌيڪ چيو تھ روبوٽڪ سرجيڪل يونٽ جي قيام لاءِ ھڪ فنڊ قائم ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ابتدائي رقم سنڌ حڪومت پاران ڏني وئي ھئي ۽ ٻين اھم شراڪتدارن ۾بشير دائود ۽ ايس آءِ يو ٽي نارٿ امريڪا ھئا. وڏي وزير چيو تھ حال ئي ۾ ايس آءِ يو ٽيءَ ڪيمبرج ميڊيڪل روبوٽڪس (سي ايم آر) دي ورسيس سسٽم کان ٻھ روبوٽڪ سرجيڪل يونٽس حاصل ڪيا آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اھي في الحال يورپ، مڊل ايسٽ، ھندستان ۽ لاطيني امريڪا جي ڪيترن ئي سينٽرن ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ھن ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ترين بڻائڻ ايس آءِ يو ٽي جي فلسفي جو حصو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ روبوٽڪ سرجري کي جراحي سائنس واري مستقبل کي نئين نسل کي سمجھايو ويندو آھي. ھن چيو تھ روبوٽڪ طريقيڪار سان گھٽ سور، گھٽ رت وھڻ ۽ جلد صحتيابي ممڪن آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ مريضن کي ڪجھھ ڏينھن اندر فارغ ڪيو ويندو آھي ۽ اھي باقاعدگيءَ سان ٻيھر سرگرميون شروع ڪري سگھن ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ نامياري پروفيسر اديب رضوي کين ٻڌايو آھي تھ يونٽ جي شروعات يورولاجيڪل سرجريءَ سان ڪئي وئي آھي، جنھن کان پوءِ ڪولوريڪٽل ۽ گائني جي سرجري ڪئي ويندي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سندس ٻڌايو ويو آھي تھ ھيل تائين ڊپارٽمنيٽ ۾ 1000کان وڌيڪ روبوٽڪ سرجري ڪئي وئي آھي ۽ ايس آءِ يو ٽي ھن ملڪ ۾ سرجنز جي ايندڙ نسل کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽيڪنالاجي سکيا ڏيڻ لاءِ ھڪ علائقائي بلڪھ پاڪستان سطح تي روبوٽڪ سرجيڪل ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير روبوٽڪ سرجري يونٽ جو دورو ڪيو ۽ ڪنٽرول روم کان سرجري واري طريقيڪار کي ڏٺائون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ عالمي معيار واري روبوٽڪ سرجري يونٽ کي قائم ڪرڻ تي پروفيسر اديب رضوي کي واڌايون ڏنيون. پروفيسر ڊاڪٽر اديب رضويءَ پڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي حمايت ۽ سھڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي سرٽيفيڪيشن بابت سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اھو ھڪ وڏو سياسي ناٽڪ ثابت ٿيندو. ھن وڌيڪ چيو تھ پھرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وزير ڄام شوري کان سيوھڻ تائين 14 ارب رپين واري روڊ کي بڻائڻ ۾ ناڪام رھيو آھي جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت 2017 ۾ پنھنجي حصي جا 7 ارب رپيا ادا ڪيا آھن. ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ اھا نمبر ون وزير جي ڪارڪردگي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اتي روڊ حادثن ۾ سوين ماڻھون شھيد ٿي ويا آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھڪ ٻئي وزير جنھن جي نام نھاد ڪارڪردگي واري فھرست ۾ 11ھون نمبر رکيو ويو آھي، ھن وزيراعظم کي خط لکيو آھي تھ جنھن ۾ ”ميڪنگ آف منين“ جي خلاف شڪايت ڪئي وئي آھي. ھن چيو تھ اھو ھڪ مزاح وارو ناٽڪ آھي جنھن جو وزيراعظم اسٽيج تيار ڪيو آھي، جتي سندن سمورا ڪردار/وفاقي وزير پنھنجي پاڻ کي کلائڻ جو ڪارڻ بڻجندا. سندس ڪابينا جي ميمبر جي ڪارڪردگي بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ ھُو پنھنجي صلاحيتين مطابق بھترين ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪري رھيو آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاھھ چيو تھ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ تحريڪ عدم اعتماد پيش نھ ڪئي ويندي، اھو قدم (عدم اعتماد) جيئن تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آھي تھ فيصلو ڪندڙ ھوندو ۽ پي ڊي ايم اي پڻ ان جي تائيد ڪئي آھي. وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ ھن بنيادي شين جي اگھن ۾ واڌ ڪري غريب عوام کي دال ماني کان محروم ڪري ڇڏيو آھي.
110