110

عوام طرفان هن نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ )  مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوام طرفان هن نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپين کان وڌيڪ واڌ کي رد ڪندي مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته 4 سالن ۾ ثابت ٿيو ته حڪومت وٽ صرف مهانگائي ۽ ڪرپشن جو پلان آهي، عوام کي رليف ته نه ملي سگهيو پر کين تڪليفون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، عمران نيازي مهانگائي ذريعي عوام کان زندگيون کسڻ بدران استعفا ڏي. شهباز شريف چيو ته هن حڪومت رڳو مهانگائي جي تبديلي آندي، روزاني شين جون قيمتون تبديل ٿي وينديون آهن. غريب دشمن حڪومت روزاني مهانگائي جو حڪم جاري ڪري رهي آهي. عمران نيازي روزاني مهانگائي جي بجلي عوام مٿان ڪيرائي رهيو آهي بجلي کان پوءِ هاڻ پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت جي خاتمي سان ئي عوام کي رليف ملي سگهندو. هاڻ عوام طرفان هنن خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. بي اعتمادي جي رٿ ذريعي عوام کي هن ظالم حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو