اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم تي قائل ڪرڻو پوندو، ڏڦيڙ جي خواهش رکندڙ ڪالاباغ ڊيم معاملي کي استعمال ڪندا آهن، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان ڪالاباغ ڊئم کي فائدمندي قرار ڏيندي چيو آهي ته اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ ۾ ڊيمن جي ضرورت آهي، ڪالاباغ ڊئم جي متاثرن کي سائنسي طريقي سان سمجهائڻو پوندو ۽ ڪالاباغ ڊئم سان ماحولياتي مسئلن ۾ به گهٽتائي ايندي، وزيراعظم چيو ته مان پي ٽي آءِ کي تربيت ڪرائي آهي، جيڪي گهٻرايل آهن انهن کي هاڻي چوڌري شجاعت جي صحت ياد اچي وئي، چوڌري خاندان مڪمل اعتماد آهي، مونس الاهي ڪم کي جهاد سمجهي ڪري رهيو آهي، کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، عمران خان چيو ته چين 5 هزار وڏا ڊيم ٺاهيا آهن، اسان هينئر تائين رڳو 2 وڏا ڊيم ٺاهيا آهن، ڊيم نه ٺهڻ سبب پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، جيڪڏهن ڊيم ٺهن ها ته بجلي مهانگي نه ٿئي ها، بجلي مهانگي ٿئي ٿي ته هر شئي مهانگي ٿي وڃي ٿي، عمران خان چيو ته ٿر ۽ بلوچستان ۾ به زمينون بنجر ٿي ويون آهن، پاڻي جي کوٽ آهي، اسان چونڊن بابت سوچڻ بدران ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪئي، اسان جي آبادي وڌي رهي آهي ۽ وسيلا گهٽجي رهيا آهن، زراعت لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ تمام ضروري آهي، هن کان اڳ مونس الاهي چيو هو ته گهر اچڻ وارن سان ملڻ ۽ خوش آمديد ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، وزيراعظم پنهنجي ساٿين کي ٻڌائي ته نه گھٻرائن، سياسي ماڻهو لاڳاپا ٺاهين ۽ قائم ڪن، اسان سياسي ماڻهو آهيون، ماڻهن سان ملڻ اسان جو ڪم آهي، هن چيو ته پاڪستان لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ تمام ضروري آهن، جلد ئي ڪالا باغ ڊيم جي تجويز کي ڪابينا آڏو آندو ويندو.
91