104

قاضي احمد: نواب ولي محمد واقعي خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري،قومي شاهراهه بند

قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) ڪچي جي ديهه ٻنڀائي ۾ 800 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان زرداري ۽ ڀنڊ برادري جي تڪرار سبب مارجي ويل 5 لاشن سوڌو سيد زين شاهه ۽ مقتولن جي وارثن جي اڳواڻيءَ ۾ڌرڻو جاري آهي، سنڌ ۾ لاقانونيت سبب 5 لاش گذريل 40 ڪلاڪن کان  نواب ولي محمد ۾ ڌرڻي واري ھنڌ روڊن تي پيل آھن، ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ مک جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ سبب وارثن لاش دفنائڻ کان صاف انڪاري آهن، گذريل ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گڏيل طور تي اڄ  سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ جڏهن ته 15 فيبروري تي هڙتال جو اعلان ڪيو هو، پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ سبب قاضي احمد ۾ عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو