ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي پيرن ۽ وڏيرن جي نه پر شاگردن ۽ عوام جي جماعت آهي، اهڙو تاثر ڏيندڙ ۽ الزام هڻندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سرداري نظام خلاف جدوجهد ڪئي هئي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پيپلزپارٽي کي پيرن ۽ وڏيرن جي ضرورت نه آهي، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن کي پيپلز پارٽي جِي ضرورت آهي، اسان سڀني سان گڏجي هلندا آهيون، هن چيو ته آمر ضياءَ شاگردن کي سياست کان پري رکڻ لاءِ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي، سنڌ حڪومت صوبي ۾ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرائي آهي، هن چيو ته لانگ مارچ جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونينز کي بحال ڪرائڻ آهي، سڄي ملڪ جَي تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جا واقعا وڌي ويا آهن، شاگرد سياست اهڙن واقعن جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، شاگرد يونين جي بحالي لاءِ اوھان مھم ھلائي احتجاج ڪيا ۽ پنهنجو حق کسي ورتو، آمر ضيا عوام کان حق کسيو، شاگردن جو حق کسيو، شھيد بيبي جي پھرين دور ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪيو ويو ھو پر شھيد بيبي جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، هن چيو ته 18 سالن کان وڏي ڄمار وارا اوھين وزيراعظم چونڊي سگھو ٿا ۽ جنگ ۾ به حصو وٺي سگھو ٿا، قائداعظم ڪنهن جنگ جي نتيجي ۾ نه پر سياست ذريعي ملڪ حاصل ڪيو.
95