98

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صحافي محسن جميل بيگ کي 3 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار محسن جميل بيگ کي ٽن ڏينهن جي لاءِ جسماني ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، مارگله پوليس محسن بيگ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، ان دوران ايف آءِ اي جو زخمي اهلڪار به عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران عدالت مارگلا پوليس اسٽيشن ۽ ايف آءِ اي جو رڪارڊ ٻيهر طلب ڪندي چيو ته ايف آءِ اي ۽ مارگلا جو ڪيس عدالت ۾ آندو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي جو فريادي به توهان سان گڏ آيو آهي، جنهن تي پوليس چيو ته اهو مراد سعيد آهي، جج پڇيو ته هي زخمي ماڻهو ڪير آهي؟ پوليس چيو ته هي ايف آءِ اي جو اهلڪار وسيم سڪندر آهي، ان موقعي تي محسن بيگ چيو ته منهنجي گهر ۾ ريڊ ڪري عجيب ماحول بڻايو ويو، 32 سالن کان صحافت ۾ آهيان، ايف آءِ اي گهرائي سگهي پيو، هن چيو ته حراست دوران پوليس مون تي تشدد ڪيو، نڪ جي هڏي ڀڄي پئي ۽ پاسيريون به ڀڄي ڇڏيون آهن، عدالت پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي جوابدار کي ٽن ڏينهن جسماني ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو