96

ڪٺپتلي سرڪس ختم ٿيڻ وارو آهي، عمران خان ويندي ويندي عوام تي مهانگائي جي بمباري تيز ڪري ڇڏي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته 27 فيبروري کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ عوام جي کيسن تي هنيل ڌاڙي جو حساب وٺندو ۽ ڪٺپتلي سرڪس ختم ٿيڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان ويندي ويندي عوام تي مهانگائي جي بمباري تيز ڪري ڇڏي آهي. مهانگائي، بيروزگاري، غربت، ڊالر ۽ ڪرپشن کان پوءِ عمران خان تيل جي اگهن کي به رڪارڊ سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام جي کيسن تي ڌاڙو آهي جيڪو پاڪستان جو عوام قبول نه ڪندو. سي اين جي اسٽيشنز به ٽن مهينن کان بند آهن، تيل جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. هن چيو ته پيٽرولم شين جي اگهن ۾ اضافي جي نتيجي ۾ روزانو جي استعمال وارين شين جا اگهه عوام جي پهچ کان بلڪل به ٻاهر ٿي ويندا. سليڪٽيڊ حڪومت طرفان تيل جي اگهن ۾ اضافو ته پهاڙ جيترو پر گهٽتائي ذري جي به نه پئي ڪئي وڃي. عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ تي ته پاڪستان ۾ تيل جا اگهه وڌايا ويندا آهن پر گهٽ ٿيڻ تي به گهٽتائي نه آندي ويندي آهي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ ته عمران خان کي پاڪستان جي غريب عوام تي ترس کائڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لڳي ٿو ته عمران خان به حڪومت جي خاتمي کان پوءِ معين قريشي وانگر ڪڏهن به پاڪستان واپس نه ايندو. سليڪٽيڊ حڪومت ۾ شامل جيڪڏهن ڪنهن کي پاڪستاني عوام سان ذري برابر به همدردي آهي ته خان صاحب کي سمجهائي. هن چيو ته 27 فيبروري کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ عوام جي کيسن تي هنيل ڌاڙي جو حساب وٺندو ۽ ڪٺپتلي سرڪس ختم ٿيڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. ٻي پاسي پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ بلاول ڀٽو چيو ته صحافي محسن بيگ جي گرفتاري سان عمران خان جي طاقت نه پر ڪمزوري ظاهر  ٿي آهي، هو ايڏو ڪمزور آهي جو پاڻ تي تنقيد کان ڊڄي ٿو ته ڪٿي عوام ان جي سچ کان نه واقف ٿي وڃي . هوڏانهن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ پي ايس ايف جي هڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاگردن لاڳيتو جدوجهد جي نتيجي ۾ شاگرد يونينز جي بحالي وارو پنهنجو حق حاصل ڪيو آهي. ڪنهن به ملڪ خلاف جنگ ۾ شاگرد نه رڳو پهرين صف ۾ بيهي سگهن ٿا پر اهي ملڪ جي تقدير به بدلائي سگهن ٿا، قائداعظم ڪنهن جنگ بدران سياسي ۽ پرامن جدوجهد ذريعي هي ملڪ حاصل ڪيو هو.  پيپلز پارٽي به پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمر ضياءَ پنهنجي دور ۾ شاگردن کان يونين سازي جو حق کسي ورتو هو پر اها تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته شاگردن مسلسل مهم ذريعي پنهنجو اهو حق واپس حاصل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف سازشون ٿينديون رهيون پر پيپلز پارٽي هميشه حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو، اڳتي به اسان حوصلو نه هارينداسين. هن چيو ته شاگرد ڪنهن به ملڪ خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ بيهي سگهن ٿا ۽ اهي چاهين ته ملڪ جي تقدير به بدلائي سگهن ٿا پر انهن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو آزادي سان موقعو ملڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي معاشري جي سمورن طبقن جي حقن جي علمبردار آهي هر شهري کي ووٽ جو حق قائد عوام سياسي جدوجهد سان ڏنو. هن ملڪ ۾ نوجوان جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهو چيو ويو ته نوجوانن کي سياست نه ڪرڻ گهرجي. پي پي چيئرمين سوال ڪيو ته ڇا سياست ڪرڻ ڪا گار آهي؟ هن چيو ته نوجوان هن ملڪ جو مستقبل آهن انهن کي سياست سميت هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي اهي ئي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍندا. هن چيو ته هن وقت معاشري ۾ ظلم بربريت انتهائي تي آهي ايئن ڇو ٿي رهيو آهي؟ مذهب جي نالي تي سياست ڇو ٿيندي آهي. هن چيو ته شاگرد تنظيمن تي پابندي ان ڪري لڳائي وئي ته جيئن اهي نظرياتي سياست نه ڪري سگهن. هن چيوته عوام جا حق کسيا پيا وڃن اهي اسان کي حاصل ڪرڻا آهن. هن چيو ته جنهن طريقي سان رياست هلائي پئي وڃي اهو افسوسناڪ طريقو آهي اهڙي طرح رياستن کي نٿو هلايو وڃي، غريب عوام کي روزگار جا موقعا ڏيڻ بدران سندن وات ۾ گرهه کسيو پيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ هراسان ڪرڻ وارا واقعا ٿي رهيا آهن، شاگردن جي في ۾ اضافي تي شاگردن کان صلاح نٿي ورتي وڃي پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته شاگرد پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاگرد يونين جي بحالي ته پهريون قدم آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت شاگرد پاڻ هلائيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جون حالتون سڌارڻيون آهن ته پوءِ شاگردن کي اڳتي آڻڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۽ قوم جي بهتري جا فيصلا شاگرد پاڻ ڪري سگهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي امنگن مطابق ڪم ڪري ٿي، سستي تعليم ۽ مفت علاج اسان جي ڪوشش آهي. بهتري جي هميشه گنجائش هوندي آهي اسان به ايئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن ياد ڏياريو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون پيپلز پارٽي جي دور م ٺهيون. هن چيو ته منهنجو خواب آهي ته تعيلمي ادارن ۾ تعليم سئو سيڪڙو مفت ٿئي. اسان شاگردن سان گڏجي نئون نصاب جوڙينداسين. پي پي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طرح صحت جي شعبي ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي اهڙي طرح اسان تعليمي شعبي ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيوته اسان نوجوان آهيون ان ڪري ڊگهي اننگ کيڏنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي شاگردن لاءِ ڊگهي مدي وارو پلان تيار ڪري رهي آهي ايندڙ پنج سالن ۾ اسان جو چئلينج آهي ته هر ضلعي ۾ هڪ يونيورسٽي کولينداسين اسان چاهيون ٿا ته يونيورسٽي ۽ معياري تعليم پهچايون اسان هر ضلعي ۾ نوجوانن لاءِ مرڪز جوڙينداسين ته جيئن تعليم جو معيار بلند ٿي سگهي ۽ پوءِ شاگردن کي ڊگريون هٿن ۾ کڻي در در ڌڪا کائڻا نه پوندا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آمر ضياءَ شاگردن يونين تي پابندي لڳائي هئي ۽ شاگرد يونينز تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ ۾ 38 سال لڳي ويا. هن چيو ته شاگرد ملڪ کي بهتر مستقبل ڏيڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏين ڇو ته بلاول سان ملڪ جو بهتر مستقبل اچڻ وارو آهي. هن چيو ته مشڪلات جو دور هاڻ تمام جلد ختم ٿيندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن ملڪ جي تقدير بدلائيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو