96

فوج ۽ عدليه تي تنقيد ڪندڙن کي سزا ملندي،وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊ مهم جي اجازت جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت فوج ۽ عدليه تي تنقيد ڪندڙن، سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ساک متاثر ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ ۽ وزيرن توڙي  پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ قانون ۾ تبديلي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾  مليل ڄاڻ موجب  پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ايڪٽ2016 ۾ترميم  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، ان ترميم هيٺ فوج ۽ عدليه تي تنقيد ڪندڙن کي 3 کان 5 سال تائين قيد جي سزا ملندي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ساک متاثر ڪرڻ جو عمل پڻ سزا جوڳو  ڏوهه قرار ڏيڻ  جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قانون ۾ ترميم جي  منظوريءَ لاءِ اهو وفاقي ڪابينا حوالي ڪيو ويو آهي جنهن مان منظوري کان پوءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويندو. ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ کان پوءِ عدليه ۽ فوج جي خلاف نفرت پکيڙيندڙ مهم هلائيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.  ان کان علاوه وفاقي حڪومت چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي اخلاقي ضابطن واري قانون ۾ پڻ تبديلي ڪري وزيرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ان قانون جي منظوريءَ کان پوءِ وزير  توڙي پارليامينٽ جا ميمبر  پنهنجي پارٽي جي اميدوارن جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺي سگهندا. ان سلسلي ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته  پارليامينٽرينز کي چونڊ مهم جي اجازت ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ساک  متاثر ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت ٻه اهم قانون منظوريءَ لاءِ وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليا ويا آهن. قانون ۾ ترميم جي ذريعي عدليه کي پڻ پابند ڪيو  ويو آهي ته اها انهن ڪيسن جو فيصلو 6 مهينن ۾ ٻڌائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو